hassanpathan

2K posts

hassanpathan

hassanpathan

@hasanpathan

sarrang publication karachi

karachi Katılım Temmuz 2010
1.5K Takip Edilen594 Takipçiler
hassanpathan
hassanpathan@hasanpathan·
دُنِيا سَڀَ دَرياھُ، ڪو ڪو تارُو تَنھِن ۾، ھِڪِڙِي لَھَرِ لوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاھُ، طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِھِيون مَڪُڙِيُون. شاھ عبداللطيف ڀٽائي
SD
0
0
0
1
hassanpathan
hassanpathan@hasanpathan·
پاڻيَ مَٿي جھُوپَڙا، مُورِکَ اُڃَ مَرَنِ، ساها اوڏو سُپِرِين، لوچي تان نہ لَهَنِ، دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، داهُون ڪَنِ مُٺنِ جِنَ. (شاھ عبداللطيف ڀٽائي)
SD
0
0
1
6
hassanpathan
hassanpathan@hasanpathan·
ڏُکويُنِ اُھڃاڻُ، ڪُلِهين ڦاٽو ڪَنجِرو، وَڃَنِ گُوندَرَ گَڏِيُون، لوڪَ نَہ آڇينِ پاڻُ، سُورَنِ تَنِي ساڻُ، نَنڍاڪُون نِينھُن ڪِئو. شاھ عبداللطيف ڀٽائي
SD
0
0
1
29
hassanpathan
hassanpathan@hasanpathan·
اَمُلُ آڇِ مَ اُنِ کي، جٖي نَہ پَرُوڙِينِ مَتِ، جِتِ گَڏِجَئِي جَوھَرِي، ماڻِڪُ تِتَھِين مَٽِ، جَنِ سونَ سين سَٽِ، تَنِ ھَڻِي رِيءُ رَدِ ڪِئو. شاھ عبداللطيف ڀٽائي
SD
0
0
0
41
hassanpathan
hassanpathan@hasanpathan·
چَڱا ڪَنِ چَڱايُون، بُڇايُون بُڇَنِ، جو وَڙُ جُڙي جَنِ سين، سو وَڙُ سيئِي ڪَنِ. شاھ عبداللطيف ڀٽائي
SD
0
0
0
6
hassanpathan
hassanpathan@hasanpathan·
اَڄُ مَلِيندِيَسِ ماءُ، ڌاڄا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا، جِيجان جوڳِياڻِي ٿِيان، مُون کي جَهلِ مَ پاءِ، ھوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنَرَ پايان. شاھ عبداللطيف ڀٽائي
SD
0
0
0
26
hassanpathan
hassanpathan@hasanpathan·
ڇِپُون ڇَپَرَ کٽ، پَهڻَ پَٿراڻِيوُن ڀانئيان، جتي رَهان راتِڙي، مروُن مُنهنجا مِٽ، سيڻن جيءَ سَهٽ، ڏونگرُ ڏولي موُن ٿِيو. (شاھ عبداللطيف ڀٽائي)
SD
0
0
2
22
hassanpathan
hassanpathan@hasanpathan·
ڪيڏانهن ڪاهيان ڪَرَهو؟ چَوڏِس چِٽاڻو، مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪوري، مَنجِهين لُڊاڻو، راڻو ۽ راڻو، ريءَ راڻي ٻِيو ناھ ڪو. (شاھ عبداللطيف ڀٽائي)
العربية
0
0
1
2
hassanpathan
hassanpathan@hasanpathan·
ھنَ تاري، ھنَ هنڌِ، هتِ منهنجا سُپريِن، سَڄَڻَ ماکيءَ مَنڌِ، ڪَئوڙا ٿين نہ ڪڏهين. (شاھ عبداللطيف ڀٽائي)
SD
0
0
2
14
hassanpathan
hassanpathan@hasanpathan·
هَهڙِي تان نہ هُيَاس، عشق اُٿِيارِيسَ اوچِتي، پَڌَرِ پوءِ پيياس، سَتُرُ سِڪَ وِڃائيو. (شاھ عبداللطيف ڀٽائي)
SD
0
0
0
6
hassanpathan
hassanpathan@hasanpathan·
سَڌائِتِي سَڀَڪا، بُکَ نَہ باسي ڪا، جيھِيءَ تيھِيءَ ذاتِ جِي، جُنبَشِ ڪانِهي جاءِ، مُون سين ھَلي سا، جا جِيءُ مِٺو نَہ ڪَري. شاھ عبداللطيف ڀٽائي
العربية
0
0
0
13
hassanpathan
hassanpathan@hasanpathan·
جَنِي دَورُ دَردَ جو، سَبَقُ سُورَ پَڙهَنِ، فِڪِرَ ڦَرَهِي هَٿََ ۾، ماٺِ مُطالِعُ ڪَنِ، پَنُو سو پَسَنِ، جَنهِ ۾ پَسَڻِ پِرِينءَ کي. (شاھ عبداللطيف ڀٽائي) (سر يمن ڪلياڻ، داستان پنجون، شاھ جو رسالو، محقق ۽ شارح ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)
SD
0
0
1
26
hassanpathan
hassanpathan@hasanpathan·
پَتنگن پَھ ڪيو، مِڙيا مَٿي مَچ، پَسي لَهس نہ لِچيا، سَڙيا مَٿي سچ، سندا ڳِچين ڳَچ، ويچارن وڃائيِا. شاھ عبداللطيف ڀٽائي
SD
0
0
0
15
hassanpathan
hassanpathan@hasanpathan·
سِڪَڻُ ۽ سُورِي، ٻَئِي اکَر هيڪَڙي، وِھَڻُ واٽَرِيَنِ تي، ڪارَڻُ ضَروري، ٻِنيِن جِي پُورِي، جِيَ ڏِني رِيَ نہ ٿيي. (شاھ عبداللطيف ڀٽائي)
SD
0
0
0
3
hassanpathan
hassanpathan@hasanpathan·
ڪانڊين ٽانڊين، ٻاٻُرين، پَچان مَرُ پيئي! جيرا جِگِرَ، بُڪيوُن، سيخُن ۾ ٽيئي! ويڄَنِئون ويئي، ٿي وهيڻي سَڄَڻين! (شاھ عبداللطيف ڀٽائي)
SD
0
0
3
10